شهيد بينظير ڀٽو لائبرري جيڪب آباد

شهيد بينظير ڀٽو لائبرري جيڪب آباد: شهيد بينظير ڀٽو جي نالي پويان جيڪب آباد جي ضلعي حڪومت، 5 سيپٽمبر 2009ع تي هيءَ لائبرري قائم ڪئي. لائبرريءَ جي بنياد رکڻ ۽ ان ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ خاص طور تي مير اعجاز حسين جکراڻي، ان وقت جي ڊي سي او ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون خدمتون شامل آهن. هن وقت لائبرريءَ جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو آهي. لائبرريءَ ۾ اٽڪل 5 هزار ڪتاب، اخبارون، رسالا، مئگزين هر وقت موجود رهن ٿا. جديد انداز سان ٺهيل هن ايئرڪنڊيشنڊ لائبرريءَ ۾ ٻه هال، ڪامريڊ برڪت آزاد ۽ عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي نالن سان منسوب ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو